14 بدھ , نومبر 2018

هونڊا سوڪ جيڪا سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندي

Honda, which will surprise everyoneٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) سيڊان جي ڪراس ۽ ايس يو وي ٺاهڻ کان اڳ پڪ اپ ٽرڪ عام هئا ۽ مختلف ڪمپنين اهڙا تجربا ڪيا هئا. پر پهريون ڀيرو هونڊا سوڪ کي پڪ ٽرڪ ۾ بدلائڻ جو تجربو ڪيو ويو آهي.  ۽ اهو به عام سوڪ نه پر سوڪ ٽائپ آر، ان طرز جي سڀ کان تيز ترين ڪار. هونڊا سوڪ ٽائپ آرپڪ اپ کي هن ڪمپني جي برطانيا جي شاخ شاخ تيار ڪيو آهي. ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب سڪو ٽائپ آرپڪ ٽرڪ ڪانسيپٽ جي تياري جي لاءِ ڪافي وقت لڳو.  پراجيڪٽ پي ڪي ڪوڊ نالي سان تيار ڪيل ڪار جو ڊيزائن ته ساڳو ئي رکيو ويو آهي پر ان جي ڇت ۽ پوئين ڪيبن کي ڪٽي ان کي ٽرڪ جهڙي شڪل ڏني وئي آهي. اهڙي طرح اها ڪار ايتري طاقت، سسپنشن، گيئر باڪس ته رکي ٿي جيڪي هن کي 6 سڪينڊن کان به گهٽ وقت ۾ 60 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊورائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن، جڏهن ته 165 ميل في ڪلاڪ جي رفتار جي حد آهي. اسن سوڪ پڪ اَپ ۾ 306 هارس پاور جو 2.0 ٽربو چارج فور سلينڊ انجڻ ڏنو ويو، جيڪو سڪس اسپيڊ مينوئل ٽرانسميشن سان گڏ آهي. ڪمپني موجب ان کي تمام تيز ترين چا ڦيٿن واري پڪ اپ ٽرڪ لاءِ ڊوڙايو ويندو. پر بدقسمتي سان هي عام واهپيدارن لاءِ دستياب نه هوندي.  ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان ڪار جو پروڊڪشن جو ڪو به منصوبو ناهي، پر ضرورت پوڻ تي مختلف شئين کي ٽرانسپورٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽيوب 2019 ۾ نوان فيچر متعارف ڪرائيندو

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) يوٽيوب سال 2019 ۾ پنهنجي ڊيش بورڊ ۾ وڌيڪ فيچرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے