18 اتوار , نومبر 2018

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ 5 ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ وڌيڪ 5 ڪشميري شهيد ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج طرفان اڳرائيءَ جي ڪاررواين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. ڀارتي فوج ڪپواڙه ضلعي ۾ آپريشن دوران پنج نوجوانن کي گرفتار ڪيو جنهن بعد کين فائرنگ ڪري شهيد ڪيو. نوجوانن جي شهادت کانپوءِ جنت جهڙي وادي مڪمل طور سوڳوار آهي، جڏهن ته سموري ضلعي ۾ احتجاج جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي. مظاهرين ڀارتي فوج خلاف نعريبازي ڪئي جڏهن ته فوج مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے