17 ہفتہ , نومبر 2018

آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتڪارن تي پابندي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: رضوان شيخ

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن رضوان شيخ چيو آهي ته کيس اميد آهي ته آمريڪا پاڪستاني سفارتڪارن تي پابندي جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو. هلندڙ سال پهرين جنوري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان مخالف ٽوئيٽ بعد ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. هڪ انٽرويو ۾ رضوان شيخ چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ پنهنجي سفارتڪارن جي جهڙتيءَ جون شڪايتون ڪيون هيون جنهن بعد پاڪستان هڪ مهينو اڳ آمريڪا کي اهڙين شڪايتن جي ازالي لاءِ نظام پيش ڪيو هو. هن چيو ته ان بعد آمريڪا طرفان ڪابه شڪايت نه ملي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے