16 جمعہ , نومبر 2018

وفاقي بجيٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي بجيٽ 19- 2018ع کي ڪالعدم قرر ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٻيهر درخواست داخل ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ قانوندان شفقت محمود چوهاڻ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي بجيٽ خلاف درخواست جي ٻڌڻي جو ملڪ ۾ ڪو ٻيو فورم موجود ناهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 80 تحت حڪومت پنهنجي مدي اندر رهندي سالياني بجيٽ هر سال پيش ڪرڻ جي پابند آهي، موجوده حڪومت کي مدو پورو ٿيڻ جي بنياد تي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو اختيار ئي حاصل ناهي، حڪومت وفاقي بجيٽ پيش ڪري پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن ۽ آئين کان مٿڀرو قدم کنيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي سان تعلق نه رکندڙ ڪو به شخص بجيٽ پيش ڪرڻ جو ئي مجاز ناهي، حڪومت وزيراعظم جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي وفاقي وزير جو درجو ڏئي بجيٽ پيش ڪرڻ جو غير قانوني اختيار ڏنو جيڪو حڪومتي بدنيتي کي ظاهر ڪري ٿو، آئين جي آرٽيڪل 86 تحت نگران حڪومت پنهنجي آمدني ۽ خرچ پاڻ پورا ڪرڻ جي پابند آهي، جڏهن ته حڪومتي مدو پورو ٿيڻ جي بنياد تي ويندڙ حڪومت نئين ايندڙ حڪومت جي سالياني بجيٽ پيش نه ٿي ڪري سگهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ووٽرز موجوده حڪومت کي پنجن سال لاءِ اعتماد ۽ ووٽ ڏنو هو، موجوده حڪومت مدو پورو ٿيڻ باوجود وفاقي بجيٽ پيش ڪري ووٽرن جي اعتماد، خواهشن ۽ سندن ووٽن جي توهين ڪئي آهي. هن چيو ته مدو مڪمل ٿيڻ جي بنياد تي حڪومت کي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ ووٽرن جو استحقاق مجروح ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي، موجوده حڪومت وفاقي بجيٽ پيش ڪري آئين کان مٿڀرو قدم کنيو آهي تنهن ڪري عدالتي بدنيتي تي ٻڌل وفاقي بجيٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے