16 جمعہ , نومبر 2018

  ٽرمپ اتر ڪوريا جي سربراهه سان ملاقات بحال ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  چيو آهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه هاڪاري ڳالهيون جاري آهن، جيڪي ڪامياب ٿيون ته طئي ٿيل 12 جون تي ئي ٿي سگهي ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر اتر ڪوريا جي سربراهه سان ملاقات جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان سان 12 جون تي رٿيل ملاقات ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اتر ڪوريا سان ملاقات ۾ ايندڙ رنڊڪ جي خاتمي لاءِ هاڪاري ۽ تعميري ڳالهيون جاري آهن، جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته ممڪن آهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه سان ٿيل ملاقات پهريون طئي ٿيل تاريخ 12 جون تي ئي ٿي وڃي پر جيڪڏهن ضروري ٿيو ته تاريخ کي اڳتي به وڌائي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے