18 اتوار , نومبر 2018

ڪراچيءَ ۾ گرميءَ جي شديد لهر برقرار، هيٽ ويو جي نئين وارننگ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي شهر ۾ گرميءَ جي شديد لهر برقرار آهي، موسميات کاتي هيٽ ويو جي نئين وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ غير معمولي شديد گرمي، سامونڊي هوائن جي بندش ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪراچي جي شهرين لاءِ پريشانيون ختم نه ٿي رهيون آهن. هڪ هفتي جي شديد گرمي کانپوءِ ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو جنهن بعد گرمي جي نئين لهر عوام کي گهيري ورتو آهي. ڏينهن هڪ وڳي گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويو آهي جڏهن ته گرمي جي تپش 42 سينٽي گريڊ محسوس ٿي رهي آهي. موسميات کاتي شهر ۾ هيٽ ويو جي نئين وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب شهر ۾ هفتي کان سومر تائين گرمي پد 42 ڊگري تائين رهندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهري صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن، هلي رنگ جا ڍلا ڪپڙا پهرين ۽ مٿي تي رومال ضرور رکن.  ٻئي طرف ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته مٿين علائقن ڪي پي، راولپنڊي ڊويزن، اسلام آباد، فاٽا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے