21 بدھ , نومبر 2018

ايس ايس جي سي ڪي اليڪٽرڪ کي اضافي گئس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايس ايس جي ڪي اليڪٽرڪ جي اضافي گئس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي چيو آهي ته ايندڙ مهيني جو وقت گذرڻ گذرڻ باوجود ڪي اليڪٽرڪ گئس سپلاءِ جو ٺاهه نه ڪيو آهي، ايندڙ هفتي تائين ٺاهه نه ٿيو ته اضافي گئس معطل ڪئي ويندي. ايس ايس جي سي ڪي اليڪٽرڪ کي اضافي گئس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ايس ايس جي سي جي ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ گئس سپلاءِ ٺاهه تي هڪ مهينو گذرڻ باوجود صحيح نه ڪئي آهي. ذريعن موجب گذريل مهيني 23 اپريل تي ڪي اليڪٽرڪ جي ايس اي تي صحيح ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي هڪ مهينو گذرڻ باوجود ٽي آر اوز تحت آڊٽ فرم جي مقرري نه ٿي سگهي. ايس ايس جي سي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ آڊٽ فرم جي مقرري لاءِ پهريون 15 ۽ بعد ۾ هڪ هفتي جو وقت طلب ڪيو، هڪ مهيني جو وقت گذرڻ باوجود ڪي اليڪٽرڪ گئس سپلاءِ جو ٺاهه نه ڪيو آهي، ايندڙ هفتي تائين گئس جو ٺاهه نه ٿيو ته اضافي 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس جي فراهمي معطل ڪئي ويندي. ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ٺاهه ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪابه دير نه ڪئي وئي آهي ۽ نه وري ٽي او آرز مختلف ادارن جنهن ۾ واٽر بورڊ ُير شامل آهي سان مشروط ۽ گڏيل صحيحون ٿيڻ جو فيصلو ٿيو هو، واٽر بورڊ ۽ ٻين ادارن جا معاملا لاڳاپيل کاتي طرفان طئي ڪيا پيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے