15 جمعرات , نومبر 2018

ڪراچيءَ ۾ هيٽ ويو جي نئين وارننگ، شهرين کي ٽن ڏينهن تائين محتاط رهڻ جي هدايت

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر گرمي جي نئين لهر شروع ٿيڻ واري آهي، موسميات کاتي هيٽ ويو جي نئين وارننگ جاري ڪندي شهرين کي ايندڙ ٽن هفتن تائين  محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو شروع ٿيندي ئي گرمي ڪراچي شهر ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن. ٻن ڏينهن تائين سامونڊي هوائون گهلڻ بعد موسميات کاتي هڪ دفعو ٻيهر  هيٽ ويو جي وارننگ جاري ڪئي آهي.  موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته موسم اڄ به گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، اڄ صبح ڪراچي جو گرمي پد 34 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر هيٽ ويو جي وارننگ کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو تنهن ڪري شهري صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن، هلڪن رنگن جا ڍلا ڪپڙا پهرين ۽ مٿي تي آلو ڪپڙو رکين، اهي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ سان هيٽ ويو ۽ گرمي جي شدت کان بچي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے