21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستان فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ بابت افغان خدشن کي رد ڪري ڇڏيو

India is blaming global laws: Pakistanاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا جي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ کي رد ڪرڻ جي افغان حڪومت جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فاضا کي ضم ڪرڻ تي پاڪستاني پارليامينٽ جو فيصلو عوامي خواهشن موجب آهي. هن چيو ته افغانستان طرفان عدم مداخلت جي اصولن تي عمل نه ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. ٻئي طرف افغان قومي سلامتي جو صلاحڪار حنيف اتمر اڄ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جنهن دوران هو پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪندو.  افغان صدارتي محل موجب افغانستان جي وفد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڏني آهي جڏهن ته وفد ملاقات ۾ افغانستان پاڪستان ۽ علائقي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان ڪشميري اڳواڻ حفيظ الله مير جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے