16 جمعہ , نومبر 2018

ريال ميڊرڊ لاڳيتو ٽيون ڀيرو يوئيفا چيمپيئنز ليگ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

real madrid of three times took the title of the UEFA Champions League's titleڪيو(اسپورٽس نيوز) فٽبال ڪلب ريال ميڊرڊ يوئيفا چيپميئنز ليگ جي فائنل ۾ ليورپول کي 1-3 تان شڪست ڏئي لاڳيتو ٽيون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. يوڪرين جي شهر ڪيو جي نيشنل اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ کيڏيل چيمپيئنز ليگ جي فائنل ۾ ريال ميڊرڊ گڏيل طور تي 13 هون ٽائٽل پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. جڏهن تي مخالف ٽيم ليورپول آخري دفعو 2005 ۾ ٽرافي کٽڻ ۾ ڪامياب حاصل ڪئي هئي. ريال ميڊرڊ جي طرفان گيراٿ بيل 2 گول اسڪور ڪيا جڏهن ليورپول کي ميچ دوران ان وقت ڌچڪو لڳو جڏهن ته پهرئين هاف ۾ ئي اسٽار فٽبالر محمد صلاح زخمي ٿيڻ بعد ميدان مان ٻاهر هليو ويو . محمد صلاح جي زخمي ٿيڻ تي ليورپول جي حامي تماشائي جذباتي ٿي ويا ۽ ڪيترن جا ئي نيڻ آلا ٿي ويا. راند جي پهرين هاف ۾ ٻئي ٽيمون گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، پر ٻئي هاف جي 50 هين منٽ ۾ ريال ميڊرڊ جي طرفان گريم بيننزيماني ميچ جو پهريون گول اسڪور ڪيو جنهن جي 4 منٽن بعد ئي ليورپول جي ساديوماني راند جي 54 هين منٽ ۾ گول ڪري مقابلو هڪ هڪ سان برابر ڪيو. ريال ميڊرڊ جي طرفان گيراٿ بيل راند جي 63 هين منٽ ۽ 82 هين منٽ ۾ هڪ ٻئي پٺيان 2 گول ڪري ليور پول جي شڪست کي يقيني بڻايو. راند جو مقرر وقت ختم ٿيڻ تائين ريال ميڊرڊ جي ليور پول تي 1-3 جي برتري برقرار رهي، ريال ميڊرڊ جي ڪاميابي تي ٽيم جي حمايتن ميدان ۾ ئي جشن ملهايو ۽ مخالف ٽيم جا حامي مايو نظر آيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے