20 منگل , نومبر 2018

فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ خلاف جي يو آءِ ف جو مظاهرو، پوليس سان چڪريون

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ خلاف جي يو آءِ ف طرفان ڪي پي اسيمبلي ٻاهران احتجاج جاري آهي. مظاهرين فاٽا انضمام بل جي منظوري خلاف شديد نعريبازي ڪئي ۽ خيبر روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي اسيمبلي ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيو. اسيمبلي پهچندر ٻن ايم پي ايز کي مظاهرين اسيمبلي جي گيٽ تان ئي واپس ڪري ڇڏيو. احتجاج دوران مظاهرين ڪنڊيدار تارون ۽ رنڊڪون هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس سان چڪريون شروع ٿي ويون. جي يو آءِ ف ڪارڪن ڪي پي اسيمبلي جي عمارت جي ڇت تي به چڙهي ويا ۽ پوليس مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لا3 شيلنگ ڪئي جڏهن ته واٽر ڪينن به طلب ڪئي وئي آهي. جي يو آءِ ف ڪارڪنن جو وڏو انگ ڪي پي اسيمبلي ٻاهران پهچي فاٽا جي انضمام خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. جي يو آءِ ف جو چوڻ آهي ته فاٽا سڌارن جي بل خلاف ڪي پي اسيمبلي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي وڃڻ نه ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے