14 بدھ , نومبر 2018

اسپيڪر اسد قيصر جو پاٽا کي ٽيڪس فري قرار ڏيڻ لاءِ اياز صادق کي خط

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وفاق ۽ صوبن جي انتظام هيٺ علائقن فاٽا ۽ پاٽا کي ٽيڪس فري قرار ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي خط لکيو آهي.  صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ بابت بل ۾ پاٽا کي شامل ڪرڻ سان بل جي ترميم ۾ ڏکيائيون پيدا ٿينديون. خط ۾ چيو ويو آهي ته پاٽا سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي بل تي خدشا آهن ۽ هنن علائقي کي 10سالن تائين ٽيڪس فري قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاٽا مان چونڊيل ميمبرن جا مطالبا جائز آهن، فاٽا ۽ پاٽا دهشتگردي سبب متاثر ٿيا جڏهن ته آپريشن ۽ قدرتي آفتن سبب علائقي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ متاثر ٿيا آهن. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت فاٽا ۽ پاٽا کي ٽيڪس فري قرار ڏيڻ جو پڌرنامو جاري ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے