14 بدھ , نومبر 2018

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪم جونگ جي 12 جون تي سنگاپور ۾ ملاقات جا امڪان روشن

سيئول ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سپريم ليڊر ڪوم جونگ ان وچ ۾ 12 جون تي سنگا پور ۾ ملاقات جو امڪان هڪ دفعو ٻيهر روشن ٿي ويو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪئي جنهن بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اتر ڪوريا جو سپريم ليڊر چاهي ٿو ته سندس آمريڪي هم منصب سان 12 جون تي سنگا پور ۾ رٿيل ملاقات طئي ٿيل شيڊول موجب ٿي. مون جي ان چيو ته ڪم جونگ ڄاڻي ٿو ته ٽرمپ سان ملاقات ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ٽڪراءَ جي خاتمي جو تاريخي موقعو آهي ۽ ساڻس ملاقات دوران جنگ ۽ ٽڪراءَ جي خاتمي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪم جونگ امن ۽ خوشحالي لاءِ سهڪار ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪم جونگ ان سان ٻيهر ملاقات تي به اتفاق ٿيو آهي. ٻئي طرف وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امڪاني ڳالهين جي تياري لاءِ ٽيم سنگاپور موڪلي پئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے