22 جمعرات , نومبر 2018

اداڪار پاريش راول فلم ”سنجو“  ۾ سنيل دت جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار رنبير ڪپور جي ايندڙ فلم”سنجو“ ۾ اداڪار پاريش روال سندس پيءُ جو ڪردار نڀائيندو. فلم”سنجو“ باليووڊ جي سينيئر اداڪار سنجي دت جي حياتي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ رنبير ڪپور، سنجي دت جي روپ ۾ نظر ايندو، پر هاڻ هدايتڪار راج ڪمار هيراڻيءَ سنجي دت جي والد جو ڪردار ادا ڪندڙ شخص جو نالو پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.  هدايتڪار ٽوئيٽر تي فلم”سنجو“ جو پوسٽر شيئر ڪندي لکيو ته فلم”سنجو“ پيءُ ۽ پُٽ جي ڪهاڻي آهي، اڄ سنجي جي والد سان ملو. پوسٽر ۾ پاريش راول کي ڏسي سگهجي ٿو جيڪو فلم ۾ سنجي دت جي پيءُ ۽ مشهور بالي ووڊ اداڪار سنيل دت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هدايتڪار راج ڪمار هيراڻيءَ ٻڌايو ته پاريش روال سان گڏ ڪم ڪندي تمام گهڻو مزو آيو. فلم جو ٽيزر اڳ ۾ کي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جڏهن هاڻ فلم جو هر پوسٽر مداحن کي پاڻ کي ڇڪي رهيو آهي.راج ڪمار هيراڻيءَ سنجو جي حياتي ۾ محبت جي هڪ حصي جي جهلڪ وارو پوسٽر پڻ ٽوئٽر تي شيئر ڪيو هو جنهن ۾ سونم ڪپور جي پهرين جهلڪ منظرعام تي آئي.ياد رهي ته فلم جي ڪاسٽ ۾ رنبير ڪپور ۽ پاريش روال سميت اداڪارا سونم ڪپور، منيشا ڪورائلا، ديا مرزا ۽ اداڪا وڪي ڪوشال شامل آهن. فلم جو ٽريلر هلندڙ ميهني 30 مئي تي ريليز ڪيو ويندو، جڏهن فلم ايندڙ مهيني 29 جون تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے