15 جمعرات , نومبر 2018

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي خواجه سعد رفيق سان ملاقات

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق ملاقات ڪئي آهي.  ملاقات دوران نگران سيٽ اپ سميت ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اسان وسيلن کي امانت سمجهي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪيو آهي، جڏهن ته سياسي مخالفن مايوس ڪيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن  حڪومت جي ڪارڪردگي جي عوام به واکاڻ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ترقي ۽ خوشحالي ۾ رنڊڪ وجهندڙ عنصر سياسي طور اڪيلا ٿي چڪا آهن.  شهباز شريف چيو ته عوام جي خدمت نعرن نه پر مٽي سان مٽي ٿيڻو پوندو آهي. هن يو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو مضبوط بنياد وڌو آهي، جڏهن ته حڪومت جي شفاف پاليسين جو اعتراف عالمي سطح تي به ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس: انور مجيد ۽ حسين لوائي جي وڌيڪ رمانڊ تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي انور مجيد، حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے