15 جمعرات , نومبر 2018

ڏوڪري: کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن  ۽ سياسي سماجي ڌرين  جو سندن آزادي لاءِ احتجاج

ڏوڪري(ويب ڊيسڪ) ڏوڪري تعلقي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن  ۽ سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.متاثرن ۽ سياسي توڙي سماجي ڪارڪنن شبانه  جوڻيجو ، ممتاز خاتون ، مختيار خاتون، زرينا عالماڻي، شھزادي خاتون، ساجد جوڻيجو، اسد عالماڻي، سانول جوڻيجو، علي گل، محمد ابراهيم ابڙو، ضمير حسين، ايڊووڪيٽ امداد جويو،  رڪ سنڌي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سندن علائقي مان  شاهد جوڻيجو، مختيار عالماڻي، مرتضي جوڻيجو نصير جوڻيجو ۽ ٻين  کي گم ڪيو ويو آهي . هنن چيو ته ڏوڪري تعلقي جا سڀئي نوجوان غريب ۽ مسڪين گهراڻن جا  ماڻهو آهن ۽ هو مزدوري ڪري گهر  جي چلهه ٻاريندا هئا . هنن چيو ته کين خبر ناهي ته ڪهڙي ڏوهه ۾ سندن نوجوانن کي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن سندن نوجوان ڪنهن ڪيس ۾ گهربل آهن يا ڪنهن غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي . هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته سندن نوجوانن کي آزاد ڪرائي متاثر ڪٽنبن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

زهريلي کاڌي سبب ٻارن جي فوتگي وارو معاملو: خانگي اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ريسٽورنٽ مان کاڌو کائڻ بعد مبينا طور تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے