23 منگل , اکتوبر 2018

ميانوالي ۾ ٽرڪ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا  7 ڄڻا فوت

ميانوالي ( ويب ڊيسڪ ) ميانوالي چڪوال روڊ تي حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. حادثي جو شڪار  ٿيل بدقسمت خاندان جو تعلق نمل جي علائقي رکي ڪلري سان هو ۽ ميانوالي کان نمل ويندي افطاري گهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿي ويو. هڪ گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪندي ڪيري دٻو سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف روڊ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر مڙس کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر مڙس کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے