20 منگل , نومبر 2018

”وڪيٽ فڪسنگ اسڪينڊل“ 2 سالن دوران ڀارت جا 3 ٽيسٽ فڪس هئا: عرب ٽي وي

The "wicket fixing scandal" was three-tested faxs in 2 years: Arab TVنئي دهلي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ عرب ٽي وي جي ”وڪيٽ فڪسنگ اسڪينڊل“ ويڊيو ۾ فڪسرن طرفان ڀارت جي گذريل ٻن ورهين ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن کي فڪس قرار ڏنوويو آهي. عرب ٽي وي جي ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري عالمي ڪرڪيٽ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ۽ رپورٽ جي هڪ حصي ۾ ڀارت جي گذريل 2 ورهين دوران کيڏيل ٽي  ٽيسٽ ميچون  فڪس  هئڻ جي دعويٰ سامهون آئي آهي. ڳجهي ويڊيو ۾ فڪسرن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ چنئي  ٽيسٽ ۾ ڪرپشن ٿي جڏهن ته ڀارت ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ رانچي ٽيسٽ پڻ فڪس هو. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گال ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ کيڏيل ٽيسٽ تي پڻ خدشا آهن. ياد رهي ته ڀارت  ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ چنئي ٽيسٽ 16 ڊسمبر 2016 تي کيڏي وئي هئي، ۽ ان ميچ ۾ ڀارت انگلينڊ کي انينگز ۽ 75 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ڀارت ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ رانچي ٽيسٽ 16 مارچ 2017 تي کيڏي وئي پر ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي، جڏهن ته ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ گال ٽيسٽ 26 جولائي 2017 تي کيڏيو ويو جنهن ۾ ڀارت 304 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. عرب ٽي وي جي رپورٽ موجب ڪرپشن ۾ 2 آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ 3 ڄڻا ٻيا شامل آهن. ٻئي پاسي ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي ايِ او جيمز سدرلينڊ چيو آهي ته عرب ٽي وي جي ”وڪيٽ فڪسنگ“ وارو واقعي کان آگاهه آهيون، ۽ معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي، آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن منظر عام تي آيل ان ويڊيو ۾ گرائونڊ اسٽاف کي سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ نومبر ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ميچ لاءِ ”وڪيٽ فڪسنگ“ جو يقين ڏياريو هو. ويڊيو ۾ وڪيٽ فڪسر ٿرنگا انڊيڪا ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ گال ٽيسٽ جي وڪيٽ پڻ ”فڪس ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي پاڪ-آسٽريليا سيريز جون ڪجهه ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے