12 پیر , نومبر 2018

نيوز: ٺٽو : جبري گمشدگين خلاف 48 ڪلاڪن واري بک هڙتالي ڪئمپ قائم

Thatta: The 48-hour book book against the forefront of the Hattaliali camp was established* سنڌ ۾ جبري گمشدگين خلاف ٺٽي ۾ مختلف قومپرست پارٽين سميت سول سوسائٽي پاران 48 ڪلاڪن واري بک هڙتالي ڪئمپ قائم وئي آهي.

بک هڙتالي ڪئمپ ۾ مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن پاران شرڪت ڪري احتجاج جي حمايت ڪئي.

ڪئمپ تي سورھيه سنڌي، اسلم خيرپوري، شعير قريشي، شبير ڪنڀار، افضل ميمڻ، وقار ميمڻ شھريار شيخ، يوسف خشڪ، سلمان جاکرو، آصف جوکيو، نياز ڪرناڻي ۽ ٻين پهچي همدردي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان جبري طور تي کنڀي گُم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ  ۽ گُم ڪيل ماڻهن جي وارثن جي احتجاج تي ڪراچي ۾ وحشياڻو تشدد ڪرڻ جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

اڳواڻن چيو ته سنڌ مان بيڏوهي نوجوانن کي کنڀي گم ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ بدران وڌي رهيو آهي، پر حڪومت متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻ ۽ کنڀي گم ڪيلن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.

هنن چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙ سندن وارثن ۽ خاص ڪري عورتن تي تشدد ڪري جمهوريت جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي،.

هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به کنڀي گم ڪيل شخص تي ڪو ڪيس آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري صفائي پيش ڪر ڻ جو حق ڏنو وڃي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| پاڪستان ۾ ساليانو 92 هزار ٻار نمونيه وگهي فوت ٿيندا آهن: عالمي صحت وارو ادارو

پاڪستان ۾ هر سال 92 هزار ٻار نمونيه جو شڪار ٿي فوت ٿي ويندا آهن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے