17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: بدين : فوت ٿيل عورت گل پري ڪيس جي سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ٻڌڻي

Badin: The dead body of a female offender is the case of Sindh High Court* بدين جي اسپتال ۾فوت ٿيل عورت گل پري ڪيس جي سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ٻڌڻي ٿي رهي آهي، صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊي ايڇ او بدين پاران ذميوار ڄاڻايل انڊس اسپتال جي ڊاڪٽرن کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

9 مهينا اڳ ويم لاءِ اسپتال آندل ناري گل پري صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري معصوم بار سميت فوت ٿي وئي هئي.

ناري جي ڏير معشوق ملاح جي درخواست تي صحت کاتي بدين جاچ ڪري رپورٽ طلب ڪئي هئي.

ان وقت ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر محبوب علي خواجا  جي ڪرايل جانچ ٽيم پنھنجي رپورٽ ۾عورت گل پري ۽ سندس ابھم ٻار جي فوت ٿيڻ جو ذميوار انڊس اسپتال جي ڊاڪٽرن کي قرار ڏنو ھو.

اهڙي رپورٽ صحت کاتي جي اختيارين کي به موڪلي وئي ھئي پر انصاف نه ٿيڻ تي ناري جي ڏير معشوق ملاح سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾حيدرآباد ۾انصاف لاءِ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو هو.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سيڪريٽري صحت کي ناري گل پري معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي 28 مئي تي عدالت طلب ڪيو.

عدالتي حڪم تي ڊائريڪٽر جنرنل ھيلٿ سنڌ ڊاڪٽر اخلاق احمد گل پري ۽ سندس ٻار جي موت واري معاملي کان انڊس اسپتال جي ڊاڪٽرن کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

جاچ رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو آھي ته عورت ۾رت گھٽ ھجڻ، سائي جي بيماري ۾مبتلاءُ  ھجڻ سبب سندس موت ٿيو.

اهڙي جاچ بعد ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ۽ ڊي ايڇ او بدين جي رپورٽ ۾تضاد سامهون اچي ويا آهن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ پاران گهوٽڪي ڪينال جو معائنو

ڏھرڪي ويجهو ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ گهوٽڪي ڪينال پهچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے