14 بدھ , نومبر 2018

مخالف ڌر جي اعتراضن کانپوءِ ڪي پي جي نگران وڏي وزير لاءِ منظور آفريدي جو نالو رد

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اعتراضن کانپوءِ تحريڪ انصاف نگران وڏي وزير لاءِ منظور آفريدي جو نالو رد ڪري ڇڏيو. ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر نگران وڏي وزير لاءِ منظور آفريدي جي نالي تي اعتراض ڪيو.  عمران خان منظور آفريدي جو نالو رد ڪندي ڪنهن ٻئي نالي تي مشاورت جي هدايت ڪئي  آهي.  تحريڪ انصاف اڳواڻ شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته اسان مخالف ڌر سان مشوري لاءِ تيار آهيون، اسان طرفان منظور آفريدي جو نالو فائنل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر پنهنجو نالو سامهون آڻڻ چاهي ٿي ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ رشيد جو گوادر ۾ ريلوي اسٽيشن تعمير ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد وٽ ڪنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے