14 بدھ , نومبر 2018

رياستي عملدار آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ جا پابند آهن: چيف جسٽس

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته رياستي عملدار  آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جا پابند اهن. چين جي شنگهائي يونيورسٽيءَ ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته رياست جا سمورا ٿنڀ ملڪي سلامتي، سڪيورٽي، وقار ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، رياستي اختيارين کي پنهنجي اختيارن انصاف جي اصولن، برابري، شفاف۽ قانون موجب استعمال ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته  پاڪستان جا رياستي عملدار آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ جا پابند آهن، اهو طئي ٿي چڪو آهي ته رياستي اختيارن کي حاصل اختيار بي لغام نه آهن،  پاڪستان جي عدليه کي ايگزيڪيوٽو جي قدمن تي نظرثاني ڪرڻ جو اختيار آهي،  عدليه ايگزيڪيوٽو جي اختيارن تي چيڪ اينڊ بيلنس فراهم ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته  سپريم ڪورٽ محروم طبقي کي فوري انصاف فراهم ڪري عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ پاڻ کي بنيادي حقن جي حفاظت  جو نگران ثابت ڪيو آهي، بنيادي حقن جا ڪيس انصاف جي فراهمي ۽ انصاف تائين پهچ جو موثر ذريعو آهن، عوامي مفاد جا ڪيس بنيادي حقن جو تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائيندا آهن، سپريم ڪورٽ ڪجهه ڏينهن دوران قانون ۽ ميڊيڪل جي تعليم ۽ ماحولياتي معاملن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نيب جي ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي( ايس بي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے