15 جمعرات , نومبر 2018

تحريڪ انصاف سميت مختلف سياسي پارٽين طرفان ناصر الملڪ جي حمايت  

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف، اي اين پي  سميت مختلف سياسي پارٽين ناصر الملڪ جي نگران وزيراعظم طور مقرري جي حمايت ڪئي آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ناصر الملڪ کي نگران وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري هڪ بيان ۾ چيو ته جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي نالي تي اتفاق ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته  تحريڪ انصاف جيڪي نالا ڏنا تنهن ۾ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ به شامل هو. اي اين پي، پشتونخوا ميپ ۽ جماعت اسلامي به ناصر الملڪ کي نگران وزيراعظم ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جسٽس رٽائرد ناصر الملڪ قبولڻ جوڳو آهي، اسان کي اميد آهي ته هو صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. محمود خان اچڪزئي چيو ته ناصر الملڪ جي نگران وزيراعظم طور نامزدگي سٺو سنوڻ آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو ته اميد آهي ته ناصر الملڪ قومي ذميواري کي سهڻي نموني ادا ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي معاملي تي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو اتفاق هاڪاري آهي، ناصر الملڪ جي مقرري تي اتفاق سان جمهوريت کي فائدو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ناصر الملڪ سٺي شهريت رکندڙ شخص آهي ۽ نگران وزيراعظم طور سندس نامزدگي سٺو سنئوڻ آهي، اميد آهي ته هو قومي ذميواري کي سهڻي نموني نڀائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے