15 جمعرات , نومبر 2018

”اسپاٽ فڪسنگ“ ۾ ملوث هئڻ وارا الزام انتهائي چڙ ڏياريندڙ آهن: جو روٽ

The allegations involved in "spot-fixing" are extreme cyclists: joerootلنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جو روٽ چيو آهي ته انگلينڊ جي رانديگرن مٿان ”اسپاٽ فڪسنگ“ ۾ ملوث هئڻ وارا الزام انتهائي چڙ ڏياريندڙ آهن.اهڙا الزام عرب ٽي وي الجزيرا چينل جي هڪ پروگرام ۾ لڳايا ويا هئا. پروگرام ۾ ميچ فڪسنگ ۾ مبينا طور تي ملوث هڪ شخص چيو هو ته ٽن انگلش رانديگرن ڀارت جي خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪئي. انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان رانديگرن سان ڳالهيون ڪيون، رانديگرن الزامن جي ترديد ڪئي. اهڙي طرح ٻن آسٽريلوي رانديگرن جي خلاف پڻ الزام لڳايا ويا آهن، ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن جي سربراهن الزامن کي رد ڪندي چيو ته الزامن کي نٿا مڃون ثبوت پيش ڪيا وڃن. ان حوالي سان ڪرڪيٽ جي عالمي اداري آءِ سي سي  جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.عرب ٽي وي الجزيرا چيو آهي ته هڪ رپورٽر 18 مهينن تائين هڪ امير واپاري شخصيت جي روپ اختيار ڪري ڳجهي ريڪارڊنگ ڪندو رهيو، ڀارت جي ڏوهاري گروهن کان اسپاٽ فڪسنگ بابت ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر تام هيريسن چيو آهي ته کين اڃان تائين ڪا به اهڙي شاهدي ناهي ملي جنهن جي بنياد تي اسان پنهنجي رانديگرن خلاف ڪاروائي ڪيون. هن چيو ته اسان جيڪا محدود ڄاڻ مُهيا ڪئي وئي اسان ان موجب رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. انگلينڊ جي ڪوچ ٽريور بيلس پڻ الزامن کي چڙ ڏياريندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي سڄو معاملو انگلش ڪرڪيٽ بورڊ مٿان ڇڏڻ گهرجي. ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيئن ته اسان اڃان تائين اها ڊاڪيومينٽري فلم ناهي ڏٺي، پر اسان جو موقف آهي ته اهڙن سمورن معاملن کي سنجيدگي ۽ مڪمل انداز ۾ ڏٺو وڃي. بورڊ الجزيرا کان درخواست ڪئي آهي ته آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ ٽيم کي مڪمل فوٽيج مُهيا ڪيا وڃن.پروگرام ۾ سريلنڪا جي ٽيسٽ ميدان گال جي حوالي سان انڪشاف ٿيا هئا. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊن چيو آهي ته هو ان حوالي سان جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪندا. اڳوڻي پاڪستاني بيٽسمين حسن رضا تي پڻ ملوث هئڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے