15 جمعرات , نومبر 2018

الڳ صوبي جو مطالبو عوام رد ڪري ٿو، ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ دشمن آهن: وڏو وزير

Their intersections as the mother as the mother of the mother, curse the different province's conversations: Murad Ali Shahڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ دفعو ٻيهر نئون صوبو ٺاهڻ جي مطالبي کي رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ اسان جا دشمن آهن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي الوداعي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته الڳ صوبي جي مطالبي کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو. هن چيو ته  سنڌ ۾ الڳ صوبي جي مطالبي تي اسان جذبي ٿي ويندا آهيون. سندس چوڻ هو ته ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ کي اسان پنهنجو دشمن سمجهون ٿا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نگران حڪومت جي معاملي تي ڪو به بحران ناهي. هن چيو ته 31 مئي تائين جو وقت آهي، جيڪڏهن اتفاق نه ٿيو ته فيصلو پارلياماني ڪميٽي ڪندي.  سندس چوڻ هو ته سياست حڪمراني جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سي سي آءِ گڏجاڻي ۾ اسان جو موقف قبول ڪيو ويو جيڪا ڪاميابي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے