14 بدھ , نومبر 2018

ڪرينا ڪپور پهريون ڀيرو ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ ادڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترائي يادگار ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هاڻ هو ماءُ جي ڪردار ۾ نظر ايندي. باليووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور پٽ تيمور علي خان جي پيدائش کان اڳ فلمن کان پاسيري ٿي وئي هئي، پر ان باوجود هو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان خبرن جو حصو بڻيل  رهي. هاڻ اداڪارا مشهور پروڊيوسر ڪرن جوهر جي پروڊڪشن بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ۾ پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي جنهن لاءِ هو تمام گهڻو خوش آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪرن جوهر ڪافي عرصي کان ڪرينا ڪپور سان گڏ فلم ٺاهڻ جو سوچي رهيو هو. ايندڙ فلم جي ڪهاڻي شاديءَ ۽ رشتن جي چوڌاري ڦرندي نظر ايندي جڏهن فلم بنيادي طور تي شادي شده جوڙن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڪرينا جو مُک ڪردار هوندو.ياد رهي ته اڄ ڪلهه ڪرينا ڪپور پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”وير دي ويڊنگ“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي، جيڪا پهرين جون تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اداڪار بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪرڻ تي ماڻهو مون مٿان کلندا هئا: آذان سميع خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور ڳائڻي عدنان سميع جي پٽ ۽ پاڪستاني موسيقار آذان سميع خان چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے