20 منگل , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن طرفان نگرانن جي اثاثن جا تفصيل طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ايندڙ نگران سيٽ اپ کان اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت اثاثن جا تفصيل طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  نگران وزيراعظم،چئني صوبن جي نگران وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير مقرري جي ٽن ڏينهن اندر اثاثن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا، اليڪشن ڪميشن کي هڪ سال جي اثاثن جا تفصيل فراهم ڪيا ويندا. ذريعن موجب نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏا وزير پنهنجي گهر وارن جي اثاثن جا تفصيل به فراهم ڪندا. نگران حڪومت ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ جي پابند نه هوندي، اليڪشن ڪميشن جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ نگران حڪومت مقرريون ۽ بدليون ڪرڻ جي به پابند نه هوندي. ذريعن موجب نگران حڪومت چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي مدد فراهم ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے