17 ہفتہ , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن موجوده چونڊن کي سڀ کان مهانگيون قرار ڏئي ڇڏيو

The ECP declares new constituencies for general electionsاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ 25 جولاءِ 2018ع تي رٿيل عام چونڊون ملڪي تاريخ جون مهانگيون ترين چونڊون ثابت ٿينديون. اليڪشن ڪميشن محتاط اندازو ظاهر ڪيو آهي ته چونڊ خرچ 21 ارب رپين کان وڌيڪ هوندا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي دستيابي انگن اکرن موجب 2018ع جا چونڊ خرچ 2013ع جي چونڊ خرچن کان ٽيڻ تي وڌيڪ هوندا. 2013ع جي چونڊن تي چار ارب 73 ڪروڙ 9 لک 47 هزار 802 رپيه خرچ ٿيو. 2008ع جي چونڊن تي هڪ ارب 84 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 560 رپيه خرچ ڪيا ويا. 2002ع جي عام چونڊن تي ملڪ جا هڪ ارب 43 ڪروڙ 39 لک 39 هزار 773 رپيه خرچ ڪيو ويو. 1970ع جي چونڊن ۾ جيڪي ملڪ ۾ في ماڻهو ووٽ جي بنياد تي پهريون ڀيرو ٿيا هئا تي چار ڪروڙ 98 لک رپيه خرچ ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن کي غير معمولي اختيار ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.  عام چونڊن ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندر اميدوارن کي نااهل ڪري سگهن. اليڪشن ڪميشن اختيارن کي ضابطا اخلاق جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن تحت ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپين تائين ڏنڊ وڌو ويندو. مانيٽرنگ ٽيمن جا سربراهه موقعي تي 50 هزار تائين ڏنڊ وجهي سگهندا، سياسي پارٽين کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو ڪنهن به چونڊ تڪ ۾ هڪ جلسو ڪري سگهن ٿيون. عام چونڊن ۾اليڪشن ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ جي برابر توهين اليڪشن ڪميشن جا اختيارڏنا ويا آهن  جنهن تحت اليڪشن ڪميشن جي توهين تي ايتري ئي سزا ڏني ويندي جيتري هاءِڪورٽ ڏئي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے