16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: گلاب لغاري: کنڀي گم ڪيلن جي آزاي لاءِ احتجاجي ڌرڻو

Gulab Laghari: Protestant Party for Trial of Canopyگلاب لغاري ۾شهرين پاران زوري کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن جي آزاي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اچانڪ چوڪ تي ذوالفقار، خليل ۽ امين کوسي جي اڳواڻي ۾ ٻين گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان ماڻهن کي زوري کنڀي گم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، هاڻي پرامن احتجاج جو به حق کسيو پيو وڃي.

هنن چيو ته سياسي سماجي ڪارڪنن توڙي شاگردن ۽ صحافين کي زوري کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي سنگين لتاڙ آهي، جنهن جي هو سخت مذمت ڪن ٿا.

سندن چوڻ هو ته کنڀي گم ڪرڻ رياستي ڏاڍ آهي، جيڪڏهن گم ڪيل ڪارڪنن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪري آئين موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

اڳواڻن ملڪ جي واڳ ڌڻين کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيلن کي عدالتن ۾ پيش ڪري آزاد ڪن………. ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے