14 بدھ , نومبر 2018

سفارشي ڪلچر جي خاتمي سبب ٽيم ۾ بهتري آئي: نجم سيٺي

Bhatari I. Najam sethi in the team's fitness teamلنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته لارڊز ٽيسٽ ۾ ميزبان اگلش ٽيم کان وڌيڪ پُراعتمادي ٻوڙي ڇڏيو . لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته انگلش ٽيم پاڪستان جي خلاف لارڊز ٽيسٽ ۾ ” اور ڪنفيڊنس“ هئي اهو ئي سبب آهي جو هنن ٽيسٽ کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. نجم سيٺي چيو ته لارڊز ٽيسٽ ۾ پاڪستان اميدن کان وڌيڪ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ انگلش ڪمنٽيٽرن پڻ ٽيم جي تمام گهڻي تعريف ڪئي. پي سي بي چيئرمين چيو ته قومي ٽيم ۾ بهتري جي بنيادي سبب سفارش ڪلچر  جو خاتمو ۽ رانديگرن کي پاڪستان سپر ليگ ۾ عالمي ڪرڪيٽرن سان گڏ کيڏڻ جو موقعو مُهيا ڪرڻ آهي. نجم سيٺي چيو ته قوم سليڪشن ڪميٽي ۽ ڪوچنگ اسٽاف سخت آهي جيڪو سفارش قبول ناهي ڪندو، هن منصوبي هيٺ سڀني کي هلايو ويندو آهي. هن چيو ته برطانوي وزير اعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کيس چيو ته اسان انگلينڊ جي دوري جو انتظار ڪري رهيا آهيون ۽ ان مقصد لاءِ توهان پڻ اسان جو ساٿ ڏيو. نجم سيٺي چيو ته برطانوي وزير اعظم کي ٻڌايو ته  فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملڪ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب گهرو صورتحال بهتر ٿي وئي آهي،  اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ ٽيمن کي دعوتون ڏئي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے