17 ہفتہ , نومبر 2018

لارڊز جي ڪاميابي بعد شاهينن نئين امتحان لاءِ تيار, ٽيم اڄ هيڊنگلي پهچندي

After successful completion of the train, Shahid will be ready to lords, team today for a new testلنڊن(اسپورٽس نيوز) لارڊز جي ڪاميابي بعد پاڪستاني ٽيم اڄ نئين مشن لاءِ هيڊنگلي لاءِ روانو ٿيندي ۽ هيڊنگلي پهچڻ بعد سريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ تياري شروع ڪندي. پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ هيڊنگل، ليڊز ۾ خيمس 1 پهرين جون کان شروع ٿيندي، لارڊز ٽيسٽ ۾ ميزبان انگلش ٽيم کي عبرتناڪ شڪست قومي ٽيم اڄ لنڊن کان هيڊنگلي پهچندي، جتي هو ٻه ڏينهن پريڪٽس ڪرڻ بعد خميس انگلش ٽيم کي وائٽ واش ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهندي. هٿ ۾ بال لڳڻ سبب زخمي ٿيندڙ بابر اعظم اڄ ڏيهه ورندو ۽ بين اسٽوڪس جو بال لڳڻ سبب انجري جو شڪار ٿيل بابر اعظم کي مڪمل فٽ ٿيڻ ۾ ٻه مهينا لڳي سگهن ٿا، جنهن سبب کيس واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي ٽيم مينجمنٽ بابر اعظم جو متبادل طلب ناهي ڪيو، ريزرو ۾ فخر زمان، عثمان صلاح الدين ۽ سعد علي سندس جاءِ تي کيڏڻ جا اميدوار آهن، هيڊنگلي ٽيسٽ ۾ جارحاڻي مزاج سان بيٽنگ ڪندڙ فخر زمان کي اوپنر موڪلي  اظهر علي کي ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ ڪرائڻ جو آپشن پڻ موجود آهي. عثمان صلاح الدين يا سعد علي کي شامل ڪيو ويو ته بيٽنگ آرڊر ۾ تبديلي نه ڪئي ويندي، برحال انهن فيصلن لاءِ ٽور سليڪشن ڪميٽي وٽ 3 ڏينهن جو وقت آهي، ٻئي پاسي انگلش ڪرڪيٽ بورڊ هيڊنگلي ٽيسٽ لاءِ 12 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آئوٽ آف فارم مارڪ اسٽونمين جي جاءِ لنڪاشائر جي اوپنر بيٽسمين ڪيٽن جيننگز کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. لارڊز ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ واري فيصلي تي تنقيد جو نشانو بڻجندڙ جو رورٽ جي اڳواڻي ۾ جيمز انڊروسن، جوني بيراسٽو، ڊومينڪ بيس، اسٽورٽ براڊ، جوز بٽلر، اليسٽرڪُڪ، ڪيٽن جيننگز، ڊيوڊ ملان، بين اسٽوڪس، ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن، 25 ورهين جي جيننگز کي گذريل سال آگسٽ ۾ بعد پهريون ڀيرو ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن آخري ٽيسٽ ميچ گذريل سال آگسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏي هئي. هلندڙ سيزن جي شروعات ۾ لنڪاشائر جي ٽيم ۾ شامل ٿيو ۽ ڪائونٽي چيمپيئن شپ ڊويزن ۾ 43.79 جي ايوريج سان 314 رنسون ٺاهيون، انگلينڊ جي سليڪٽر ايڊ اسمٿ چيو آهي ته ڪيٽن جيننگز ڊسمبر 2016 ۾ ٽيسٽ ڊيبيو تي ڀارت خلاف سينچري اننگز ۾ پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪيو هو،  ڪائونٽي سيزن ۾ پڻ هو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، هن پنهنجي آخري ستن اننگزن ۾ 3 سينچريون اسڪور ڪيون آهن. مارڪ اسٽونمين کي ڊراپ ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوپنر جي لاءِ سال 2018 وارو سيزن ڪافي مايوس ڪندڙ رهيو آهي، جڏهن ته لارڊز ٽيسٽ ۾ پڻ هو مشڪلاتن جو شڪار رهيو.  انڪري کيس هيڊنگلي ٽيسٽ جو حصو ناهي بڻايو ويو،  ٻئي پاسي ڪرس ووڪس کي مارڪ ووڊ جي جاءِ تي شامل ڪرڻ جو آپشن تي پڻ غور ڪيو ويندو، ووڪس 2016 واري سيزن ۾ پاڪستاني بيٽنگ لائن لاءِ تمام گهڻي مشڪل پيدا ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي عالمي ڪپ: پاڪستان رانديگرن کي ويزائون جاري، ڪوچ اوسيئڙي ۾

 لاهور ( اسپورٽس نيوز ) هلندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ هاڪي عالمي ڪپ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے