23 ہفتہ , فروری 2019

رپورٽ: رٽائرڊ جسٽس ناصر الملڪ نگران وزيراعظم نامزد، سوات واسين ۾سرهائي

The retired Justice Nasir Mulk, named as the Honorable Prime Minister, was in Swat Vasin

* رٽائرڊ جسٽس ناصر الملڪ نگران وزيراعظم نامزد ٿيڻ تي سوات ۾خوشيءَ جي لهر پکڙيل آهي جڏهن ته سوات ۾سندس رهائش گاهه تي سڪيورٽي پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.

جسٽس ناصر الملڪ 17 آگسٽ 1950 ع تي سوات ۾پيدا ٿيو، کيس 1993 ع ۾صوبي ڪي پي جو ايڊوڪيٽ جنرل بڻايو ويو.

1994 ع ۾جسٽس ناصر الملڪ پشاور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، جڏهن ته کيس 2004 ع ۾پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو.

جسٽس ناصر الملڪ سپريم ڪورٽ جي انهن ججن ۾ شامل رهيوجن کي اڳوڻي صدر پرويز مشرف 3 نومبر 2007 ع تي ملڪ ۾ايمرجنسي لڳائڻ بعد گهرن ۾نظربند ڪري ڇڏيو هو.

جسٽس ناصر الملڪ 2008 ع ۾ملڪ ۾عام چونڊن بعد پ پ جي دور ۾ان وقت جي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر کان ٻيهر پنهنجي عهدي جو حلق کنيو.

جسٽس ناصر الملڪ ان ست رڪني بينچ جي سربراهي به ڪئي هئي جنهن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت ڪيس ۾ڏوهاري قرار ڏنو هو.

جسٽس ناصر الملڪ چيف اليڪشن ڪمشنر به رهي چڪو آهي جڏهن ته ان کانسواءِ فيڊريل ريو بورڊ جي چيئرمين جو عهدو به وٽس رهي چڪو آهي، هن چيف جسٽس تصديق حسين بعد پاڪستان جي 22 هين چيف جسٽس جي حيثيت سان عهدي جي چارج سنڀالي هئي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :ٺٽي واسي آغا سراج دراني جي گرفتاري کي ڪيئن ٿا سمجهن؟؟

ٺٽي ۾ پ پ ڪارڪنن پاران آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف احتجاجي ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے