21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستان سان ڪرڪيٽ سريز کيڏڻي آهي، پاليسي واضح ڪيو:بي سي سي آءِ جو حڪومت کي خط

Cricket with Pakistan has played, clear the policy: letter to the BCCI governmentممبئي(اسپورٽس نيوز)  بي سي سي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي اجازت نه ملڻ واري مُهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ”بگ ٿري“ جي حمايت عوض بي سي سي آءِ پاڪستان سان 8 ورهين دوران 6 سريز کيڏڻ جو معاهدو ڪيو هو پر انهن مان هڪ به سريز نه کيڏي وئي، وعدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پي سي بي 70 ملين ڊالرن جي ڏنڊ ادا ڪرڻ  لاءِ آءِ سي سي جي تڪرارن جي حل واري ڪميٽي سان رابطو ڪيو آهي، ڪنهن جي ٻڌڻي لاءِ مائيڪل بيلوف جي سربراهي ۾ پينل پڻ جوڙيو ويو آهي. ماضيءَ ۾ بي سي سي آءِ سدائين اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته حڪومت جي طرفان اجازت نه ملڻ سبب هو ڪنهن ٻئي هنڌ تي سريز نٿا کيڏي سگهن، ڀارتي بورڊ تڪرارن جي حل واري ڪميٽي ۾ پنهنجي ڄاڻايل جواز کي صيحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ نئين مهم جي شروع ڪندي هڪ دفعو ٻيهر حڪومت سان رابطو ڪيو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊاختيارين طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان گڏ ڪرڪيٽ سريز جي حوالي سان پاليسي يا صورتحال واضح ڪئي وڃي، ٻڌايو وڃي ته گڏيل مقابلن لاءِ ڪهڙين شئين يا معاملن جي ڪليئرنس حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب ٻنهي ملڪن ۾ جي سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارت حڪومت جو موقف واضح آهي، جڏهن ته پي سي بي آءِ سي سي کان لکت ۾ جواب حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن کي آءِ سي سي جي تڪراري ڪميٽي ۾ ٻڌڻي وقت پيش ڪري ثابت ڪري سگهجي ٿو ته بورڊ کي ڪو به اعتراض ناهي پر حڪومت طرفان اجازت نه ملڻ سبب مجبور آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي  هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي ڀارت روانو ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے