18 اتوار , نومبر 2018

فصلن مان خراب گاهه صاف ڪرڻ وارو روبوٽ تيار

جنيوا (ويب ڊيسڪ) فصلن ۾ گند ۽ خراب گاهه صاف  نه ڪجي ته  فصل کي سخت نقصان پهچندو آهي پر هاڻي هي ڪم روبوٽ جي حوالي ڪري زمين تي  بغير قدم رکڻ فصلن مان گند صاف ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ سوئٽرلينڊ جي هڪ ڪپمني” ايڪوروبوٽڪس“ (اي آئي) دنيا جو موثر ترين روبوٽ تيار ڪيو آهي جنهن کي سمارٽ فون  سان به ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن روبوٽ سان پوري دنيا ۾ گاهه، جڙي ٻوٽيون، ۽ ٻيو بيڪار شيون کي بغير دوا جي استعمال سان موثر انداز ۾ صاف ڪري سگهجي ٿو.  پوري دنيا ۾ فصلن سان گڏ ايندڙ اضافي گاهه کي صاف ڪرڻ لاءِ 26 ارب ڊالر سالانا مختلف دوائون ۽ ڪيميڪل تي خرچ ڪيا ويندا آهن. هي دوئوان فصلن کي الٽو نقصان به پهچائينديون آهن ۽ هي نئو روبوٽ هن مسئلي کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ، هي روبوٽ هڪ ننڍي متحرڪ ميز جي طرح آهي جنهن جي مٿان شمسي سيل لڳايا ويا آهن. ان جي ڊگهي ڪنڌ تي هڪ ڪيمرا لڳڻ آهي جيڪو ڪمپيوٽر  ورزن سان ڏسي سگهجي ٿو. ۽ جي پي ايس نظام هن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي . جڏهن ته ڪيمرا فصل ۽ خراب گاهه جي وچ ۾ فرق ڪري ٿو ته ان جي مڪڙي نما 2 ٻانهون عين ان جي مٿان اسپري ڪري ۽ ائين اندها دهند دوا جو اسپري ضروري ناهي هوندو. هي مشين  خود ڪار انداز ۾ 12 ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي سمارٽ فون سان به قابو ڪري سگهجي ٿو. سوئٽر لينڊ جي ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته روبوٽ جي سبب دوائون ۽ اسپري ڪرڻ جي شرح ۾ 20 سيڪڙو تائين گهٽتائي ممڪن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے