20 منگل , نومبر 2018

لاهور ۾ ڊولفن فورس جي فائرنگ، واٽهڙو مارجي ويو، هڪ زخمي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي علائقي شادباغ ۾ ڊولفن فورس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو مارجي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. ڊولفن فورس شاد باغ جي علائقي ۾ سڪي گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته شڪي ماڻهن گاڏي ڀڄائي ڇڏي جنهن تي ڊولفن فورس جي اهلڪارن گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ 14 ورهين جو واٽهڙو مارجي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.  مارجي ويل واٽهڙو جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.  مظاهرين لاش روڊ تي رکي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ۽ ڊولفن فورس جي اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ڊولفن فورس جي اهلڪارن چيو ته واٽهڙو سندن نه پر پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے