18 اتوار , نومبر 2018

ناصر شاهه ۽ منظور وساڻ جي نااهلي ڪيس: اقامي بابت درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ناصر شاهه ۽ منظور وساڻ جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ اقامي بابت سموريون درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي پنج جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ناصر حسين شاهه ۽ منظور وساڻ جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ميمبر مدو پورو ڪري ته نااهل ڪيئن ٿو قرار ڏئي سگهجي. درخواستگذار چيو ته اقامي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته نواز شريف جو فيصلو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ جاري ٿيو، مدو پورو ٿيڻ بعد نااهلي جو ڪو قانون ٻڌايو وڃي. عدالت چيو ته درخواستگذار ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاغذن تي اعتراض ڪري سگهن ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ اقامي بابت سموريون درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي پنج جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے