16 جمعہ , نومبر 2018

افغان فورسز غلطي سان ڪارروائي ۾ 9 عام شهرين کي ماري ڇڏيو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي صوبي ننگر هار ۾ هڪ گهر تي افغان فورسز جي ڪارروائي ۾ غلطي سان 9 ڄڻا مارجي ويا.  افغان اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ هڪ مقامي پوليس ڪمانڊر به شامل آهي.  صوبائي گورنر حيات الله موجب رات دير سان ڪيل ڪارروائي ۾ 8 شهري به زخمي ٿي پيا. هن چيو ته جنهن گهر تي ڪارروائي ڪئي وئي تنهن مان فائرنگ جو آواز اچي رهيو هو پر ان حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي  ته آپريشن ۾ عام شهرين جو موت ڇو ٿيو آهي؟ ننگر هار جي هڪ اسپتال جي ترجمان انعام الله ميان خيل به تصديق ڪئي ته فورسز جي ڪارروائي بعد 9 لاش آندا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Najam Sethi to take legal action against PCB

نجم سيٺي پي سي بي کي وڌيڪ هڪ قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي پي سي بي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے