19 پیر , نومبر 2018

عاصمه حامد پنجاب جي پهرين عورت ايڊووڪيٽ جنرل مقرر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عاصمه حامد کي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مقرر ڪيو ويو آهي، هوءَ اهي ذميواريون سنڀاليندڙ پهرين عورت آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف طرفان عاصمه حامد کي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن بعد سيڪريٽري قانون باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. عاصمه حامد ملڪي تاريخ جي پهرين عورت ايڊووڪيٽ جنرل آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف عاصمه حامد جي مقرري رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف طرفان عهدو ڇڏڻ جي 6 ڪلاڪ اڳ اهم ترين مقرري ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته عاصمه حامد جو والد شاهد حامد ۽ چاچو زاهد حامد شريف خاندان جا وفادار آهن، سراسري طور عاصمه حامد کي شريف خاندان سان وفاداري نڀائڻ عيوض مقرر ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan chase 176 as victory looms

ابو ظهبي ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾، قومي ٽيم جي پوزيشن مضبوط

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز)ابوظهبي ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي جتي قومي ٽيم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے