15 جمعرات , نومبر 2018

شيخ رشيد، عمران خان ۽ فضل الرحمان سڀ کان وڌيڪ سڪيورٽي آفيسر حاصل ڪندڙ شخصيتون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو وزارت انڪشاف ڪيو آهي ته شيخ رشيد، عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمان کي سرڪاري خرچ تي سڀ کان وڌيڪ سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي.  گهرو وزارت جي خاص سيڪريٽري رضوان ملڪ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شيخ رشيد احمد کي پنج سڪيورٽي آفيسر فراهم ڪيا ويا، جڏهن ته عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمان کي 4، 4 آفيسر فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته سڪيورٽي جي ضرورت ڪنهن به شخصيت کي ٿي سگهي ٿي  ان حوالي سان ڪو به فرق ناهي. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني، وسيم سجاد، نيئر بخاري، زاهد حامد، چوڌري نثار علي، رحمان ملڪ، شيري رحمان ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا کي 2 سڪيورٽي آفيسر ڏنا ويا. جمون اينڊ ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين محمد ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ، وفاقي محتسب ڪشمالا طارق ۽ ٻين ادارن جي سربراهن کي هڪ هڪ آفيسر فراهم ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے