15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: رتوديرو: مقتول نوجوان جي وارثن جو  قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Ratodero: Protestant arrest for murder of youngsters*رتي ديري ۾  مقتول نوجوان جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

مقتول مينهل جلباڻي جي وارثن رسول بخش جلباڻي ، مجيد جلباڻي ، گلشن جلباڻي ، نھال جلباڻي ، گلاب جلباڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته خروس برادري جي ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان مينھل جلباڻي کي قتل ڪيو.

 هنن ٻڌايو ته  رتوديرو ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري.

 هنن الزام هنيو ته  0ڊي ايس پي رتوديرو ميران خان دراني جوابدار ڌر کا  پنج لک روپيا رشوت وٺي  نوجوان جو خون لوڙھڻ چاھي ٿو.

 هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي اپيل ڪئي آهي ته سندن نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ……………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏهرڪي: نصاب جاڪتاب ٻارن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

*ڏهرڪي ۾ نصاب جا ڪتاب شاگردن ۾ ورهائڻ بدران گودام ۾ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے