17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو غلام حيدر: هٿياربندن جو گهر تي حملو، 3 نينگريون زخمي

Tando Ghulam Haider: Airstrikes Attack at the house of house, 3 ninja injuriesٽنڊي غلام حيدر ڀرسان  هٿياربندن گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين تي تشدد ڪري ٽن نارين کي زخمي ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ عبدالله جوڻيجي ۾ ڳوٺاڻي صلاح جوڻيجي جي گهر ۾ گهڙي ٽن جوابدارن گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عرفينا، ارباب ۽ حسينا زخمي ٿي پيون.

زخمين نارين کي سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي طبي امداد بعد کين گهر روانو ڪيو ويو.

زخمي نارين جي وارثن جو چوڻ هو ته بااثر ڏاڍ ڏيکاري گهر ۾ گهڙي حملو ڪري ساڻن ناانصافي ڪئي آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪن………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے