14 بدھ , نومبر 2018

ملير جي مختلف علائقن ۾ پاڻي کوٽ، رهواسي پريشان

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي قائدآباد ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سبب رهواسي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. قائدآباد ۾ گذريل هڪ مهيني کان پاڻي اڻلڀ آهي، جنهن سبب رهواسي غذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. متاثر علائقن ۾ عمر مارئي ڳوٺ، آفريدي ڪالوني، خلدآباد ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته گذريل هڪ مهيني کان لائين ۾ پاڻي نه اچڻ سبب رهواسي ڀلاري مهيني ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن. رهواسين جو چوڻ آهي ته ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي لائين ۾ پاڻي اچڻ بند ٿي ويو آهي، جڏهن ته جَر جو پاڻي پيئڻ لائق ناهي، جنهن سبب اسان پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي پريشاني ختم ڪئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا احتساب رڳو چونڊيل سياستدانن جو ئي ٿيڻو آهي: بختاور زرداري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے