17 ہفتہ , نومبر 2018

شاديءَ کانپوءِ عورت جي عزت وڌي ويندي آهي: ثنا

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا ثنا چيو آهي ته شادي ڪرڻ سان عورت جي عزت وڌي ويندي آهي، مڙس ۽ زال ۾ سٺي هم آهنگي هجي ته زندگي پرسڪون طريقي سان گذرندي آهي. پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ فلم اسٽار ثنا جو چوڻ هو ته منهنجي عورتن کي صلاح آهي ته اهي محبت ۽ مهارت سان پنهنجي مڙسن کي متاثر ڪن، توهان پنهنجي مڙس تي جيترو به ڌيان ڏيندا آهيو ته موٽ ۾ اهو به توهان کي محبت ڏيندو آهي. هن چيو ته مان اڃا تائين پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهيان، مون کي اڃا گهڻو سفر طئي ڪرڻو آهي، مان پنهنجي ساٿي اداڪارن سان حسد ناهيان ڪندي پر انهن جي ڪاميابيءَ تي خوش ٿيندي آهيان ۽ پاڻ به محنت سان اڳتي وڌڻ تي يقين رکان ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے