15 جمعرات , نومبر 2018

سج نيزي پانڌ لهي آيو، هيٽ اسٽروڪ جو خدشو

The sun came to the floor, the question of Hate Strokeڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به سج باهه وسائي رهيو آهي۽ سخت گرمي روزيدارن کي امتحان جو امتحان وٺندي. موسميات واري کاتي اڄوڪو ڏينهن به گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ملتان، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ اڄ موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهندي.اڄ ڪراچي ۾ گرمي پد 44 تائين وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ گرمي پد 43 تائين رڪارڊ ڪيو ويو هو. موسميات واري کاتي سنڌ جي راڄڌاني ۾ سخت گرمي واري صورتحال خميس تائين برقرار رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته جمعي کان شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ ڇنڇر ۽ آچر واري ڏينهن موسم جي صورتحال بهتري ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. موحولياتي تبديلي واري وزارت پڻ ايندڙ ڏهن ڏينهن دوران سڄي ملڪ ۾ سخت گرميءَ جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته گرميءَ دوران هيٽ اسٽروڪ ٿيڻ جا خدشا تمام گهڻا آهن. ياد رهي ته هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي ڪي ايم اسي طرفان نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو هو جنهن بعد اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفيڪشن ۾ چيو ويو هو ته ڪي ايم سي کاتي جي ماتحت اسپتالن ۾ 29 کان 31 مئي تائين ايمرجنسي لاڳو رهندي ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن جو موڪلون رد ڪيو ويو هيون.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ جو گرم ترين شهر موهن جو دڙو رهيو، جتي گرمي پد 50 ڊگري تائين وڃي پهتو هيو، انکانسواءِ سکر ۽ تربت ۾ 48 جڏهن ته لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا ۽ حيدرآباد ۾ پد 45 تائين رڪارڊ ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي اڄ روالپنڊي، اسلام آباد، مالاڪنڊ، هزارا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه هنڌن تي برسان جا امڪان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے