19 پیر , نومبر 2018

اسرائيل جي جنگي جهازن جي عزه تي بمباري، حماس جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

Hamas's many failed destruction, bombarded by Israel's war-warriorsوالاريل بيت المقدس(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي هوائي فوج طرفان غزه جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا ويا جنهن ۾ غزه کي مصر سان ملائيندڙ سُرنگ کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. غزا کان اسرائيل تي ڪيترائي مارٽرز گولا ۽ راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن ۾ ٽي اسرائيلي فوجي زخمي ٿيا، جنهن جي جواب ۾ اسرائيلي هوائي فوج جنگي جهازن جي مدد سان حماس جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي جنگي جهازن حماس ۽ اسلامڪ جهاد جي 35 کان وڌيڪ بيٺڪن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ڪيل ڪاروائي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهن مليا.  حماس ۽ اسلامڪ جهاد پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته قابض اسرائيلي فوج جي ٺڪاڻن  تي ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪرڻ جو مقصد اهو اعلان ڪرڻ هو ته اسرائيل طرفان ڪيل ڏوهن کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے