21 بدھ , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب پراسيڪيوٽر نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست اعتراض اٿاري ڇڏيا

Avenue Field Reference: NAB Prosecutor Nawaz Sharif and Maryam Nawaz raised a protest petition requestاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس  ۾ حاضري کان  ڇوٽ واري درخواست داخل ڪري ڇڏي. تفصيل موجب احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست پيش ڪئي وئي .  درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز مصروف هئڻ سبب پيش نٿا ٿي سگهن. احتساب عدالت جي جج چيو ته ان درخواست تي بعد ۾بحث ڪنداسين. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر نواز شريف ۽ مريم نواز جي غير حاضري تي اعتراض واريندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته جوابدار ڪٿي آهن؟  صفائي واري وڪيل جوابدارن جي ڇوٽ واري درخواست پڻ ناهي ڏني، هن چيو ته جوبدارن جي حاضري هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي، جنهن تي مريم نواز جي وڪيل چيو ته توهان اسان کان نه عدالت کان پڇاڻو ڪيو، اسان حاضري کان ڇوٽ واري درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي. جنهن تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريمارڪس ڏيندي چيو ته ان درخواست تي بعد ۾ بحث ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے