19 پیر , نومبر 2018

ٽرانسپورٽ کاتي طرفان عيد جي موقعي تي وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

 The decision by the Transport Department to take action against the transport of more expensive E-commerceڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري کاتي عيد الفطر جي موقعي تي مسافرن کان واڌو ڪرايا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي عيد کان هڪ هفتو پهرين مانيٽرنگ ڪميٽيون فعال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.ان سلسلي ۾ کاتي پاران جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته عيدالفطر ۾ ٽي هفتا رهيا آهن ۽ ماڻهون والدين ۽ مٽن مائٽن سان عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ مختلف شهرن جو سفر ڪندا آهن پر ان دوران ٽرانسپورٽر ڪراين ۾ واڌارو ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪو غير قانوني ۽ مسافرن لاءِ پريشاني جو ڪارڻ آهي.اعلان موجب ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ جي بنيادي ذميواري آهي ته عيد الفطر جي موقعي تي مسافرن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪري ۽ ٽرانسپورٽرن کي ڪراين ۾ واڌارو ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ اُپاءُ وٺي. ان سلسلي ۾ کاتي لاڳاپيل عملدارن کي نگران ڪميٽي جوڙڻ ۽ ان ڪميٽين کي عيد کان هڪ هفتو پهرين فعال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ته جيئن حڪومت پاران مقرر ڪيل ڪراين تي سختي سان عمل کي يقيني بڻايو وڃي.نگران ڪميٽين کي روزانو جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے