16 جمعہ , نومبر 2018

تمام جلد آئي فون سان گهر ۽ ڪار جا دروازا کولڻ ممڪن هوندو.

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالوجي فرم ايپل چيو آهي ته جلد ان جي فون ذريعي ڪار ۽ گهرن جا دروازا کولڻ ممڪن هوندو ڇو ته موبائل پيمنٽ واري ٽيڪنالوجي ان جي ڪمن ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿي، آئي فون ۾ نيئر فيلڊ ڪميوني ڪيشن چپ (اين ايف سي) جي ذريعي هي ڪم ممڪن آهي ۽ اطلاع موجب ايپل نه صرف ان ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪري رهي آهي پر جلد ان کي متعارف ڪرائيندي.  جڏهن ته ڪيوپرٽينو ۾ ايپل ڪمپني جي صدر جي آفيس جا ملازم پنهنجي فون جي ذريعي آفيس ۽ عمارت ۾ رسائي حاصل ڪري رهيا آهن. اين ايف سي ۽ بلو ٽوٿ جي ذريعي دروازو  کولڻ هڪ محفوظ طريقو به آهي پر ايپل هڪ عرصي ۾ ان ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪري رهي آهي. ايپل لاءِ  ڪم ڪرڻ واري ايڇ آئي ڊي گلوبل نالي هڪ ڪمپني هن تي 2014 کان ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي آئي فون سان عمارتن ۽ دروازن تائين رسائي ممڪن بڻائي ويندي . ٻئي طرف جاپان، چين، آمريڪا، ۽ برطانيا ۾ موبائل فون جي ذريعي رقم ڏيڻ وٺڻ جو سلسلو جاري آهي جئين ته ايڇ آئي ڊي گلوبل ڪمپني هن ڪيوبڪ نالي سروس جي ذريعي پوري نديا ۾ رائج ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. ايپل ڪمپني هن سال چار جون تي رکيل ورلڊ وائيڊ ڊيلپرز ڪانفرنس ۾ ان فيچر جو اعلان ڪندي  جنهن تحت 2014 يا ان کان پوءِ ايندڙ آئي فون ۾ سافٽ ويئر اپ ڊيٽ جي ذريعي گهرن جا دروازا کولڻ ۽ بند ڪرڻ جي سهولت جو باقاعده اعلان ڪيو ويندو. ان کان سواءِ هوٽلن تائين رسائي ۽ ڪار کي فون جي ذريعي کولڻ به ممڪن هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ جي پهرين فولڊ ايبل سمارٽ فون جي قيمت سامهون اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور سمارٽ فون جي ڪمپني  سام سنگ گذريل هفتي هڪ تقريب ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے