16 اتوار , دسمبر 2018

نيب کي اورنج لائن پراجيڪٽ ۾ ڏنل ٺيڪن بابت اهم رڪارڊ ملي ويو

NAB received a significant record about the funds given in Orange Orange Projectلاهور(ويب ڊيسڪ) نيب اورنج لائن ٽرين پروجيڪٽ جي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو. نيب کي اورنج لائن پروجيڪٽ ۾ ٺيڪن بابت اهم رڪارڊ ملي ويو جڏهن ته پنجاب حڪومت نيب کي اهم رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . ارونج لائن ٽرين پروجيڪٽ جنهن ته اڳ پڻ سوال اٿندا رهيا آهن ۽ نيب اورنج لائن پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ ڪري رهيو آهي، نيب کي مختلف ذريعن وٽان گهڻو ئي اهم رڪارڊ ملي چڪو آهي. ذريعن موجب ارونج لائن ٽرين ۾ مهنگا ٺيڪا ڏنا ويا، ٺيڪا ڏيڻ جو معاهدو ۾من پسند شق شامل ڪيا ويا، ٺيڪيدارن جيڪي ٺيڪا ڏنا ويا ان ته مڪمل عمل ناهي ڪرايو ويو، اورنج ٽرين روٽ تي ٺيڪيدارن کي ٺيڪو ڏنو ويو وري روڊن جا الڳ سان ٺيڪا ڏنا ويا. نيب چين سان ٿيندڙ معاهدي جي ڪاپي مُهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پر پنجاب حڪومت چين ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ معاهدو نيب کي فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے