17 ہفتہ , نومبر 2018

ناصر محمود کوسا طرفان پنجاب جي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ کان معذرت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪاموري ناصر محمود کوسا پنجاب جي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ ناصر محمود کوسا چيو ته منهنجي نامزدگي واپس وٺي مون کي ميڊيا ۾ تڪراري بڻايو ويو آهي. هن چيو ته منهنجي خلاف اجائي واويلا ڪئي وئي،  جيڪڏهن عهدي لاءِ منهنجو نالو تجويز ڪرڻ کان اڳ مشورو ڪيو وڃي ها ته بهتر هجي ها. اڳوڻي چيف سيڪريٽري چيو ته تازو پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي مان نگران وڏي وزير جو عهدو نه ٿو سنڀالي نه ٿو سگهان. هن چيو ته شفاف چونڊن لاءِ نگران وڏي وزير کي سياسي پارٽين جو اعتماد حاصل هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے